ڏانوريءَ جا بزرگ

ڏانوريءَ جا بزرگ: تعلقي خيرپورميرس جي جيلاني پيرن جو وڏو سيد نبي شاهه (اول) اُچ کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو هو ۽ ڏانوري ڳوٺ ۾ موجوده درگاهه واري جڳهه تي اچي ويٺو. اهو ڪلهوڙن جو آخري زمانو هو. سيد نبي شاهه پنهنجي وقت جو وڏو ولي ۽ معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. هن جي وفات کانپوءِ سندس فرزند احمد شاهه به پنهنجن وڏن وانگر فيض جو صاحب ٿي گذريو آهي. کيس چار فرزند هئا. سيد احمد شاهه جي وفات کانپوءِ سندس پٽ نبي شاهه (ثاني) ڏانوريءَ جي درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. جنهن جي ڀائرن مان ابراهيم شاهه، پني عاقل ڏانهن هليو ويو ۽ بنا اولاد وفات ڪيائين. سندس مزار پراڻي پني عاقل ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن جو مرڪز آهي ۽ خدا بخش شاهه ناري تعلقي ۾ وڃي نئين درگاهه قائم ڪئي. جتي دٻئي وٽ سندس مزار آهي. خدا بخش شاهه کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مصري شاهه رکيو ويو هو. سيد مصري شاهه کي سيد سچل شاهه ۽ سيد ارباب شاهه نالي ٻه فرزند هئا. مصري شاهه جي مزار ڳوٺ دهل واري ۾ آهي، جتي هر سال رجب مهيني جي پهرين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. احمد شاهه جي پٽ ۽ نبي شاهه (ثانيءَ) جي ڀاءُ سيد اميد علي شاهه کي پنج فرزند هئا، جن مان سندس ٽيون فرزند سيد عبدالستار شاهه پنهنجي والد جي مسند تي ويٺو. عبدالستار شاهه کي اميد علي شاهه (ثاني) ۽ ابراهيم شاهه نالي ٻه فرزند ٿيا. سندس وفات بعد اميد علي شاهه (ثاني) جو فرزند گنبل شاهه گادي نشين ٿيو، گنبل شاهه هر دلعزيز شخص ۽ فيض وارو فقير ٿي گذريو آهي. هو پنهنجو ڳوٺ ڏانورو ڇڏي ناري تعلقي ۾ مريدن وٽ وڃي رهيو، اٽڪل سٺ سالن جي عمر ۾ ڳوٺ ٽنڊي شاهه تعلقي ڪوٽڏيجيءَ ۾ آيو ۽ اتي وفات ڪيائين. سندس مزار تي هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايو ويو.
مير امير علي شاهه اول جي فرزند سيد غلام نبي شاهه کي ٽي فـرزنـد ٿيــا، جــن مـان پريل شاهه فيض ۽ هدايت جو سلسلو قائم ڪيو. احمد شاهه '>سيد احمد شاهه (اول) جي وڏي فرزند ۽ سجاده نشين سيد نبي شاهه ثانيءَ کي ٽي نينگر ٿيا، جن مان سيد حسين شاهه درگاهه جو گادي نشين بڻيو. سيد حسين شاهه جو ننڍو ڀاءُ علي بخش شاهه ڀائرن سان ڪنهن نا اتفاقيءَ سبب ناري هليو ويو ۽ باقي زندگي پنهنجي مريدن وٽ گذاريائين. آخرڪار وفات کان ٿورو اڳ ڪوٽڏيجيءَ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي قناصرن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين. سندس فرزندن حسين شاهه ۽ موزل شاهه سندس مزار تي هڪ عاليشان مقرو ٺهرايو، جتي هر سال ربيع الثاني مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي. نبي شاهه (ثاني) جو جانشين سيد حسين شاهه پنهنجي وقت جو ڪامل درويش ٿي گذريو آهي، جيڪو عقيدتمندن کي ترجمي سان قرآن مجيد ٻڌائيندو ۽ نيڪ عمل ڪرڻ جي تلقين ڪندو هو. کيس پنج پٽ هئا، سندس وصال کانپوءِ وڏو پٽ علي محمد شاهه گادي نشين ٿيو، هو انباهه ۾ وڃي سيد فيض محمد شاهه جو مريد ٿيو. ڪيترو وقت بيخوديءَ جي حالت ۾ رهيو. اعليٰ درجي جو شاعـر به هـو. مريد کيس ’علي سائين‘ جي نالي سان ياد ڪندا آهن. فقير هدايت علي ’تارڪ‘ نجفيءَ جو گهاٽو دوست هوندو هو. سيد علي محمد شاهه 19 ربيع الاول 1345هه/1926ع تي وفات ڪئي. سندس درگاهه تي هر سال ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي. علي محمد شاهه کانپوءِ سندس اڪيلو فرزند سيد ولي محمد شاهه مسند نشين ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو